صليب جاڳ اسان جي

صليب جاڳ اسان جي

صليب جاڳ اسان جي

صليب جاڳ اسان جي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب جديد سنڌي غزل جي شاعرن جي چونڊ ڪلام تي مشتمل آهي، جنهن کي ٻن اديبن: سنڌو پيرزادي ۽ رحمت پيرزادي مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل شاعرن ۾: حسن درس، احمد سولنگي، سعيد ميمڻ، روبينا ابڙو، ساحر راهو، بادل، اظهر ٻانڀڻ، حبدار سولنگي، گلزار، شمشير سيلري، امر اقبال، حسين جاگيراڻي، ابرار ابڙي، رحمت پيرزادي ۽ سنڌو پيرزادي جي شاعري شامل آهي. هر ليکڪ جي شاعريءَ کان اڳ سندس تصوير ۽ مختصر تعارف شامل آهي. 224 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي مسيحا پبليڪيشن ڪراچي/ سڪرنڊ نومبر 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو